اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ پاران عمران خان جي هيلي ڪاپٽر کي پريڊ گرائونڊ ۾ لينڊ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ واري ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا ته هيلي پيڊ سروس فراهم ڪرڻ عدالت جو ڪم ناهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ پي ٽي آءِ جي ريلي لاءِ اسلام آباد مان گذرڻ ۽ عمران خان کي پريڊ گرائونڊ ۾ هيلي ڪاپٽر لينڊ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.تحريڪ انصاف جي وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ 26 نومبر تي راولپنڊي ۾ اجلاس طلب ڪيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته اوهان مون کي درخواست ڪئي آهي ته اهي هدايتون ڏيو جيڪي مان نٿو ڏئي سگهان، هي انتظاميا جو ڪم آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته توهان انتظاميه کي جيڪا درخواست ڏني هئي اها اڃا رد ناهي ڪئي وئي؟ جنهن تي پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اسان درخواست ڏني آهي ۽ ان کان اڳ به روات ۾ جلسي جي درخواست ڏني هئي.تحريڪ انصاف جي وڪيل چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ هيلي ڪاپٽر تي اسلام آباد ايندو، ان لاءِ اجازت به طلب ڪئي آهي.جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته هاءِ ڪورٽ ان بابت ڇا ڪري سگهي ٿي؟ هاءِ ڪورٽ طرفان هيلي پيڊ سروس فراهم نه ٿي ڪري سگهجي. پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته توهان انتظاميه کي هدايت ڏيو ته اسان جي درخواست تي قانون موجب فيصلو ڪيو وڃي، جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته کين قانون موجب ڪرڻو آهي، مان اهو نٿو چوان ته درخواست تي قانون موجب عمل نه ڪيو وڃي..
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو