علي ظفر پي ايس ايل تراني تي عوام کان راءِ طلب ڪري ورتي

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل مشهور ماڊل، اداڪار ۽ گلوڪار علي ظفر پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 2024 جي شروع ٿيڻ کان اڳ پي ايس ايل اينٿم لاءِ پول جاري ڪري ڇڏيو.جڏهن به پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جو ذڪر ايندو آهي ته ڳائڻي علي ظفر جو ڳايل ترانو ذهن تي اچي ويندو آهي. هن پي ايس ايل جي پهرين 3 سيزن جا ترانا رڪارڊ ڪيا.بهرحال، هاڻي ڳائڻي سماجي رابطن واري سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي ۽ پنهنجي مداحن کان پي ايس ايل 9 جي تراني تي سندن راءِ پڇي.ان سان گڏ گلوڪار ووٽنگ لاءِ ٻه آپشنز رکيا ۽ هڪ ٻي پوسٽ ۾ لکيو ته هن ٽوئيٽ پوسٽ ڪرڻ جو مقصد بعد ۾ ٻڌايو ويندو، رڳو اوهان جي راءِ گهربل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو