راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا.عدالت حسن ابدال ۾ داخل ڪيس ۾ علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.علي امين گنڊاپور جي وڪيل محمد فيصل ملڪ طرفان درخواست داخل ڪئي وئي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پشاور هاءِ ڪورٽ علي امين گنڊاپور جي سمورن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪئي هئي.علي امين گنڊاپور جي وڪيل پشاور هاءِ ڪورٽ جو حڪم نامو عدالت ۾ جمع ڪرايو.عدالت علي امين گنڊاپور جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا،دهشتگردي ٽوڙ عدالت علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو عمل به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.










