عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ انعام جي سفارش

نوشهروفيروز(ن سنڌيار) شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ انعام جي سفارش، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد عرفان بلوچ صحافي عزيز ميمڻ جي جي مک قاتلن مشتاق ۽ افشاد سهتو جي گرفتاري لاءِ 10. 10 لک روپيا انعام رکڻ لاءِآجي سنڌ کي خط لکي ڇڏيو، ڊي آء جي عرفان بلوچ خط ۾ لکيو آهي ته شهيد عزيز ميمڻ جو قتل ڪيس هاءِ پروفائيل ڪيس آهي ان ڪري ٻنهي روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ انعام رکيو وڃي ته جيئين جلد گرفتار ٿي سگهن ۽ شهيد عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو