عدالت پاران ايس ايڇ او مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

نوشهروفيروز (مشتاق مري) ايس ايڇ او ڪنڊيارو پاران نوجوان مٿان 9 سي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ تي عدالت ايس ايڇ او تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نوجوان جي ضمانت منظور. ڪنڊيارو ٿاڻي تي ايس ايڇ او اختر علي ابڙو پاران سرڪار جي مدعيت ۾ نوجوان نديم ڪلهوڙو تي 9 سي جو ڪيس داخل ڪري سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو. ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار جي وڪيل عبدالقادر خانزاده پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته ڪنڊيارو پوليس نوجوان تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي. ڪنڊيارو پوليس پاران نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ تي سيشن جج جي عدالت ۾ اسان نوجوان جي بازيابي لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي عدالتي حڪم تي ڪنڊيارو ٿاڻي تي ڇاپو به هنيو ويو پر نوجوان بازياب نه ٿي سگهيو. رات دير سان ساڳي ٿاڻي تي نوجوان جي گرفتاري ڄاڻائي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. عدالت اهڙو دليل ٻڌڻ بعد نوجوان جي ضمانت منظور ڪندي ايس ايڇ او ڪنڊيارو مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو