وڏي وزير سميت سموري ڪابينا جي پگهار بند ڪرڻ جو حڪم

سکر (ن سنڌيار) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر پاران رٽائرڊ ملازمن کي پينشن نه ملڻ واري ڪيس ۾ اهم فيصلو ٻڌائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سوڌو سموري ڪابينا جي پگهار بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري زراعت ۽ فنانس جي به پگهار بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت اهڙو حڪم مارڪيٽ ڪميٽي جي رٽائرڊ ملازمن کي پينشن جاري نه ڪرڻ تي ڏنو، عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ سهيل کوسو پيش ٿيو، جنهن عدالت کي آگاهي ڏني ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي بار بار حڪم ڏيڻ باوجود رٽائرڊ ملازمن کي پينشن نٿي ڏني وڃي، ان موقعي تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کان وڌيڪ مهلت طلب ڪئي، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته جيستائين رٽائرڊ ملازمن کي پينشن نٿي ڏني وڃي تيستائين ڪابينا کي به پگهارون نه ملنديون، جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 11 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو