عدالتي حڪم تي پوليس ذريعي ناري مڙس کان والد حوالي

شيخ ڀرڪيو )مظفر علي بروهي) پوليس عدالتي حڪم تي ڇاپو  هڻي مبينه باندي بڻيل عورت ٻن ٻارن سميت بازياب  ڪرائي والد حوالي ڪري ڇڏي. ٽنڊي محمد خان جي رهواسي مصري ڪولهي سيشن ڪورٽ ٽنڊي محمد خان ۾ درخواست داخل ڪندي موقف پيش ڪيو ته سندس ڌيءَ شريميٽي کيتو  ۽ سندس ٻن ٻارن کي سندس مڙس ڪرشن قيد ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندن زندگيون خطري ۾ آهن جنهن تي عدالت شيخ  ڀرڪيو پوليس کي حڪم جاري ڪندي ناري ۽ سندن ٻارن کي بازياب ڪرائي  عدالت ۾ پش ڪرڻ  جو حڪم جاري ڪيو جنهن کانپوء عدالتي حڪم تي ايس ايڇ او منظور شورو ليڊيز پوليس سان گڏ ڳوٺ حاجي شفيع محمد نظاماڻي ۾ ڇاپو هڻي نا حق قيد ٿيل ناري شريميتي کيتو ۽ سندس ٻن ٻارن کي بازياب ڪرائي سيشن ڪورٽ ٽنڊو محمد خان جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت ناري کيتو ۽ سندس ٻن ٻارن کي درخواست گذار  ناري جي پيءُ مصري ڪولهي  حوالي ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو