عدالتي حڪم تي معصوم ڪنوار چائيلڊ پروٽيڪشن سيل حوالي

شڪارپور(عبدالخالق سومرو) گذريل رات دير سان لکيدر ٿاڻي جي حد الف شاهه شهيد ڪالوني وٽ ايس ايڇ او لکيدر الطاف ڪانڌڙو شادي تقريب دوران ڇاپو هڻي 13 سالا معصوم ڪنوار صفيه ڌيءَ مصري خان بليدي کي تحويل ۾ وٺي وومين پوليس حوالي ڪيو هو جنهن کي اڄ فورٿ سول جج اميش هرجاڻيءَ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جج ننڍي عمر ۾ ٻارڙيءَ کي شادي کان بچائڻ تي پوليس جي تعريف ڪئي ۽ نينگريءَ کي ٽن ڏينهن لاءِ وومين اينڊ چائيلڊ پروٽيڪشن سيل جي حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ڇوڪريءَ جي پيءُ ۽ گهوٽ کي نوٽيس جاري ڪندي سومر ڏينهن عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو