عدالتي حڪم بعد ڊاڪٽر رضوان ٻيهر چارج وٺي ڇڏي

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سنڌ بدري وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ بعد ڊاڪٽر رضوان ايس ايس پي شڪارپور جي ٻيهر چارج وٺي ڇڏي. سنڌ سرڪار ايس ايس پي ڊاڪٽر رضوان جون خدمتون وفاق حوالي ڪيون هيون، پر گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي ڊي آءِ جي خادم رند ۽ ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر رضوان جي سنڌ بدري وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪندي صوبائي سرڪار کان 24 ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتو ھو، سنڌ بدري وارو نوٽيفڪيشن معطل ٿيڻ بعد ڊاڪٽر رضوان ايس ايس پي شڪارپور جي ٻيهر چارج وٺي ڇڏي آهي، ان کان اڳ کيس هٽائي ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش کي شڪارپور جي ايس ايس پي جي واڌو چارج ڏني وئي هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو