عام چونڊن لاءِ ساڍا 42 ارب رپيا گرانٽ منظور

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطه ڪميٽي اليڪشن ڪميشن جي سمري منظور ڪندي عام چونڊن لاءِ ساڍا 42 ارب رپيا گرانٽ منظور ڪري ورتي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عام چونڊن لاءِ 42.5 ارب رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب عام چونڊن لاءِ فنڊن جي حتمي منظوري وفاقي ڪابينه کان ورتي ويندي، اليڪشن ڪميشن کي شروعاتي طور تي 10 ارب رپيا جاري ڪيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو