عالمي منڊي ۾ تيل قيمتن جي لاٿ بدران اضافو عوام سان ظلم آهي:محمد حسين

عالمي منڊي ۾ تيل قيمتن جي لاٿ بدران اضافو عوام سان ظلم آهي:محمد حسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ رڪارڊ لاٿ باوجود اتحادي حڪومت پاران پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪرڻ بدران وڌيڪ اضافي کي عوام سان سراسر ظلم قرارڏيندي چيو آهي ته موجوده حڪومت پاران هر روز نت نوان ٽيڪس، مهانگائي، وياج واري معاشي نظام جي ڪري عوام جو جيئڻ مشڪل ٿي پيو آهي، مهانگائي جي ڪري اڳ ۾ ئي عذاب جو شڪار ماڻهن مٿان هاڻوڪو فيصلو کنوڻ بڻجي ڪريو آهي جنهن سان عام مزدور پيشه ۽ ڏهاڙي وارا ماڻهو سٽجي ويندا، سڄي دنيا جا ملڪ تيل قيمتن ۾ لاٿ جو حقيقي فائدو عوام کي پهچائي رهيا آهن، پر اي پي ڊي ايم جي عوام دشمن حڪومت ماڻهن کي رليف ڏيڻ بدران تيل وڌيڪ مهانگو ڪري عوام دشمني جو ثبوت ڏنو آهي. هن اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته هڪ ڏينهن اڳ بجلي9 روپيا 90 پئسا مهانگي ڪرڻ کان پوءِ پيٽرول جي قيمت وڌڻ سان مهانگائي جو نئون طوفان ايندو، هر روز اٽي، گيهه، دالين ۽ ڀاڄين جون قيمتون وڌي رهيون آهن جنهن ڪري عام ماڻهو جو جيئڻ مشڪل ٿي پيو آهي، حڪومت هوش کان ڪم وٺندي بجلي ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ هاڻوڪو اضافو واپس وٺي عوام کي رليف فراهم ڪري. صوبائي امير 14 آگسٽ جي ڀلاري ڏينهن تي قائد اعظم جي وڏي تصوير سامهون سرڪاري خزاني تي ڪنونشن هال ۾ راڳ رنگ ۽ ناچ گاني جي بيهوده پروگرام تي سخت ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ طرف حڪومتي وزير “ زهر جا پئسا به نه هجڻ” جي ڳالهه ڪن ٿا ته ٻئي پاسي وري قومي خزاني مان ڪروڙين روپيا فحاشي جي پروگرامن تي خرچ ڪري عوام جي زخمن تي لوڻ ٻُرڪي رهي آهي، ڇا ان پروگرام ۾ ڏيکاريل بيهوده ناچ گانو اسان جي قومي تهذيب ۽ ثقافت جي سڃاڻپ آهي؟ وزيراعظم پنهنجا ڪپڙا کپائي مهانگائي ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري ٿو ته ٻئي طرف اهڙن پروگرامن تي قومي ناڻو خرچ ۽ اتحادي حڪومت جا وزير،مشير ۽ شهباز شريف، بلاول زرداري لطف اندوز ٿي رهيا آهن جيڪو شرمناڪ عمل آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، هن وقت جڏهن برساتن ۽ سيلاب جي ڪري بلوچستان، سنڌ، پنجاب جا ڪجهه علائقا ۽ ڪراچي جا ماڻهو سخت اذيتن جو شڪار آهن اهڙي موقعي تي اهڙو پروگرام رکڻ عوام جي مُفلسي جو مذاق اُڏائڻ برابر آهي. بدقسمتي سان گذريل 75 سالن کان انگريز جا غلام ۽ سامراجي ايجنٽ حڪمراني ڪري رهيا آهن جن کي عوام جو رت چوسڻ، ڪرپشن ذريعي پنهنجون ٽجوڙيون ڀرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿو اچي، وزيرن،مشيرن جي فوج ظفرموج قومي خزاني مان عياشيون جڏهن ته سڀئي سهولتون ۽ مراعاتون فقط اميرن ۽ وڏيرن لاءِ آهن عوام فقط نعرا هڻڻ ۽ ووٽ ڏيڻ جي مشين بڻجي چڪو آهي.#

پهنجو تبصرو موڪليو