ماسڪو(ويب ڊيسڪ) روسي خلائي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن ۾ ڪيترن جاين تي ڏار پئجي ويا آهن، ا80 سيڪڙو هارڊويئر پراڻو آهي. روسي خلائي ماهر ولاديمئر سولوويوف چيو آهي ته روس عالمي خلائي اسٽيشن 2025 ۾ استعمال ڪرڻ بند ڪندي. عالمي خلائي اسٽيشن روس، امريڪا، ڪئناڊا، جاپان ۽ ٻين يورپي ملڪن گڏجي 1998 ۾ تعمير ڪئي هئي جنهن جي زندگي 15 سال ٻڌائي وئي هئي، جنهن کي 23 سال گذري چڪا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ان کي تبديل نه ڪيو ويو ته ناقابل تلافي نقصان ٿي سگهي ٿو.










