عالمي بينڪ ۽ پاڪستان ۾ 78 ڪروڙ 70 لک ڊالر قرض جي معاهدي تي صحيح

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ عالمي بينڪ وچ ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ 78 ڪروڙ 70 لک ڊالر قرض جي 5 معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون جنهن ۾ ڪراچي لاءِ 3 ترقياتي منصوبا شامل آهن. رپورٽ مطابق اقتصادي امور ڊويزن جي سيڪريٽري نور احمد ۽ اسلام آباد ۾ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پيچوموتو الينگوو معاهدن تي صحيحون ڪيون. ان حوالي سان منعقد ڪيل تقريب ۾ سنڌ ۽ خيبرپختون خواهه حڪومت ۽ نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني لميٽڊ جي نمائندن ۽ وزير براءِ اقتصادي امور حماد اظهر شريڪ ٿيا. عالمي بينڪ ڪراچي ۾ شهري نقل و حرڪت،شهري انتظام ۽ خدمتن جي فراهمي، پاڻي ۽ سيوريج سروسز جي بهتري، سياحت ۽ توانائي جي شعبي متعلق 3 ترقياتي منصوبن لاءِ 65 ڪروڙ 20 لک ڊالر فراهم ڪندو. ان حوالي سان عالمي بينڪ طرفان ڪراچي ۾ يلو لائين پروجيڪٽ ۾ يلو لائين بس ريپڊ ٽرانزٽ روڊ ڪاريڊور تي نقل و حرڪت، رسائي ۽ حفاظت لاءِ 38 ڪروڙ 20 لک ڊالر جو پهريون قرض ڏنو ويندو. منصوبي سان يلو لائين ڪاريڊور جو انفر اسٽرڪچر تيار ڪرڻ، يلو ڪاريڊور جي چوڌاري روڊن جي ٻيهر تعمير ۽ بي آر ٽي نظام کي فعال ڪرڻ ۽ ان جي صلاحيت وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ان کان علاوه عالمي بينڪ سان گڏ ڪمپيٽيٽو اينڊ لائيو ايبل سٽي آف ڪراچي پروجيڪٽ لاءِ 23 ڪروڙ ڊالر قرض جي معاهدي تي به صحيحون ٿيون. ان منصوبي جو مقصد شهري انتظاميه ۾ ڪراچي جي مقامي ڪونسلز ۽ ايجنسين جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۽ نجي شعبي جي ترقي لاءِ ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ آهي. ان سان گڏ ڪراچي ۾ واٽر اينڊ سيوريج سروسز ۾ بهتري لاءِ منصوبي فيز ون لاءِ 4 ڪروڙ ڊالر قرض جو معاهدو به ٿيو ان منصوبي جو مقصد صاف پاڻي تائين بهتر رسائي ۽ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج جي فنانشل ۽ آپريشنل ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ آهي. منصوبي جو شمار تيزي سان وڌندڙ ڪراچي شهر ۾ پاڻي، نيڪال ۽ صفائي جي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ گهڻي وقت لاءِ هلندڙ پروگرامن کي ترجيح ڏيڻ آهي. ڪجهه هفتا پهرين قومي اقتصادي ڪونسل جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي ڪراچي ۾ پاڻي مسئلي ۽ سيوريج جي نظام ۾ بهتري لاءِ 10 ڪروڙ 52 لک ڊالر جي لاڳت جي منصوبي جي منظوري ڏني هئي. مذڪوره ٽئي منصوبا ڪراچي ٽرانسفارميٽو اسٽريٽجي جي نتيجب بعد طئي ڪيا ويا جنهن ۾ 10 سال جي عرصي ۾ انفراسٽرڪچر جي ضرورتن جي تڪميل لاءِ 9 کان 10 ارب ڊالر جي فنانسنگ جو اندازو لڳايو ويو آهي ته جيئن شهري ٽرانسپورٽ، پاڻي جي فراهمي، صفائي ۽ ميونسپل سولڊ ويسٽ ذريعي ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر جي انفراسٽرڪچر ۽ خدمتن جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. ان سان گڏ عالمي بينڪ خيبرپختون خواهه انٽگريٽيڊ ٽورزم ڊولپمينٽ پروجيڪٽ لاءِ 7 ڪروڙ ڊالر قرض جي معاهدي تي صحيح ڪئي وئي تاڪه خيبر پختون خواهه ۾ سياحت متعلق انفر اسٽرڪچر وڌيڪ مستحڪم ٿي سگهي. اهڙي طرح وسطي ايشيا، جنوبي ايشيا اليڪٽرڪ سٽي ٽرانسميشن اينڊ ٽريڊ پروجيڪٽ سي اي سي اي 1000 جي منصوبي لاءِ 6 ڪروڙ 50 لک جي اضافي مالياتي معاهده به طئي ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو