ڪراچي (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان آمريڪي ميڊيا تي هلندڙ جنگ بندي جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. آمريڪي ميڊيا موجب طالبان ڪونسل جي اجلاس ۾ افغانستان ۾ عارضي جنگ بندي تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب طالبان سربراهه جنگ بندي جي منظوري ناهي ڏني پر جنگ بندي تي آمريڪا سان امن معاهدي تي دستخط ڪيا ويا آهن. آمريڪي ميڊيا موجب طالبان ڪونسل جي اجلاس کان پوءِ مذاڪراتي ٽيم قطر لاءِ رواني ٿي وئي آهي ۽ امن معاهدي تي دستخط جي ٻن هفتن اندر انٽرا افغان مذاڪرات شروع هجڻ جي توقع آهي. امن معاهدي جا بنيادي نڪتا افغان گروهن وچ ۾ سڌو سنئون مذاڪرات ۽ عارضي جنگ بندي جي تجويز افغان امن جي آمريڪي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد مذاڪرات جي گذريل دور ۾ پيش ڪيون ويون هيون. ٻئي طرف قطر ۾ طالبان جي سياسي دفتر جي ترجمان سهيل شاهين افغان ميڊيا سان ڳالهائيندي جنگ بندي جون رپورٽون رد ڪري ڇڏيون. سهيل شاهين جو چوڻ هو ته ان حوالي سان اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ڪيو ويو اڳواڻن جي مشاورت کان پوءِ فيصلي جو اعلان ڪيو ويندو.
اطلاعات کاتي ۾ بدليون ۽ مقرريون، اشتهار ڪابورو حوالي
ملير ۾ ٽينٽ سٽي خالي ڪرائڻ تي مزاحمت ،5 ڄڻا سخت زخمي
نيوي، رينجرز، گورنر ۽ سي ايم آفيسن ٻاهران قبضا ختم ڪريو
نيوزيلينڊ 4 رنز تان ميچ کٽي سيريز ۾ برتري حاصل ڪري ورتي
منهنجي دور ۾ عدليا ۾ مداخلت جي هڪ به شڪايت ناهي ملي
عدليا ۾ مبينا مداخلت خلاف سوموٽو تي ٻڌڻي لاءِ نئين بئنچ قائم
حق نه مليو ته اسلام آباد تي قبضو ڪنداسين: گنڊاپور
سوشل ميڊيا ايپ ٿريڊز، ايڪس کان گوءِ کڻي وئي
سڌ سماءُ واري کاتي ۾ ڊائريڪٽرن جو مقرريون بدليون، نوٽيفڪيشن جاري
هٿيار اسمگل ڪيس، 7 جوابدارن جو جسماني رمانڊ منظور
خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا
ڏوهن جي سرپرستي، 34 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار معطل
سکر جي ڪچي ۾ فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا،2 زخمي
عوام کي رليف نه پيو ملي، ڇا سمورا پئسا پگهارن ۾ ڏينداسين
پاڪستان انساني حقن بابت آمريڪا جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي
سعودي بابت بيان تي عمران خان ڇنڊ پٽي: شير افضل
نسله ٽاور جي زمين وڪرو ڪري متاثرن کي معاوضو ڏيو
وڏ وزارت جو عهدو آسان ناهي، باهه جي درياءَ تان گذري آهيان
بلوچستان اسيمبلي اسپيڪر عبدالخالق بحال
خان ۽ بشريٰ کي رياستي ادارن خلاف بيان نه ڏيڻ جو حڪم