ضلعو بچايو تحريڪ پاران گيس جي بندش خلاف احتجاج

ٽنڊوباگو (رپورٽ ڄام سھيل سمون) سٽيزن فورم ٽنڊوباگو ۽ ضلع بچايو تحريڪ جي اڳواڻن سيد قمبر علي شاھ، شبير احمد خاصخيلي، سيد خدا ڏنو شاھ، وڪيل جيوت رام لوهاڻو، شاهد ميمڻ، امجد علي ڪلهوڙو ۽ ٻين ٽنڊوباگو سميت ضلع بدين جي ٻين شھرن ۾ سوئي گيس جي بيوقتائتي بندش خلاف احتجاج ڪرڻ کانپوء  سوئي گئس بدين جي زونل مئنيجر سان بدين آفيس ۾ ميٽنگ ڪئي، جنهن ۾ ٽنڊوباگو, پنگريو,ملڪاڻي، راڄوخاناڻي,تلهار بدين ,سميت سڄي ضلعي ۽ خصوصي طور ٽنڊوباگو شهر ۾ گئس جي بي وقتائتي بندش خلاف تفصيلي گفگتو ٿي۔ زونل مئنيجر شبير عباسي ۽ انجينئر رشيدالله مييڻ يقين ڏياريو ته گئس جو هاڻ فُل پريشر فراهم ڪيو ويندو جيڪڏهن ڪا شڪايت هجي ته اسان کي سڌي ريت شڪايت ڪئي وڃي صبح ستين کان رات تائين گئس جو پريشر فُل فراهم ڪيو ويندو۔ ان دوران ڄاڻايل اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن گئس جو مسئلو برقرار رهيو ته بدين آفيس جو گھيراء ڪيو ويندو۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو