صوبن جي قيام جي قانون ۾ به آئيني ترميم ڪري سگهجي ٿي

صوبن جي قيام جي قانون ۾ به آئيني ترميم ڪري سگهجي ٿي

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۽ صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته صوبن جي قيام جي قانون ۾ به آئيني ترميم ڪري سگهجي ٿي.ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته وڏو وزير ڪچرو کڻڻ جي ذميواري کڻي رهيو آهي، اهو ڪم ڪهڙي صوبائي حڪومت ڪري ٿي؟ هن سال سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ مان 2400 ارب رپيا مليا آهن، جنهن مان ڪراچي کي 800 ارب رپيا ملڻ گهرجن ها، پر 100 ارب به نه مليا، وفاق چوي ٿو ته سڀ پئسا وڏي وزير کي ڏنا وڃن، وڃو ۽ وڏي وزير کان وٺو.هن چيو ته پيپلز پارٽي چوندي هئي ته زرعي ٽيڪس نه لڳايو وڃي، آءِ ايم ايف سندس ڪن پڪڙيو ۽ زرعي ٽيڪس لڳائڻ لاءِ چيو، پوءِ زرداري صاحب ٻيهر اعلان ڪيو.مصطفيٰ ڪمال چيو ته صوبن جي قيام جي قانون ۾ آئيني ترميم ضرور ڪري سگهجي ٿي ۽ اهي نوان صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه تڏهن ڪندا آهن جڏهن اهي اسان کي حق نه ڏيندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو