خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان کي چيو آهي ته نئين پروگرام ۾ صوبن جي خرچن ۾ شفافيت آڻڻ ۽ صوبائي ٽيڪس وصولي جا اختيار ايف بي آر کي ڏنا وڃن. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف ان حوالي سان نيون تجويزون طلب ڪيون آهن جڏهن ته نئين پروگرام ۾ صوبن جي خرچن ۾ شفافيت جو مطالبو ڪيو آهي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال جي وفاقي ۽ صوبائي بجيٽن کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، جنهن ۾ خرچن ۾ فرق تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف صوبائي ٽيڪسز جي وصولي جو ڪم ايف بي آر حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته صوبائي اختيارين مختلف سببن جي ڪري سروسز تي مڪمل ٽيڪس وصول نه ڪري سگهيا آهن.ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب صوبائي حڪومتون 16 سالن ۾ زرعي انڪم ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو ميڪنزم نه ٺاهي سگهيون، آءِ ايم ايف تي زرعي شعبي کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ سخت دٻاءُ آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو خيال آهي ته زرعي شعبي کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ سان ٽيڪس روينيو ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيندو، سموريون صوبائي حڪومتون آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام لاءِ مڪمل سهڪار لاءِ تيار آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو خيال آهي ته ايف بي آر وٽ ٽيڪس ڏيندڙن جي مڪمل معلومات آهي، ان حوالي سان صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان نئين تجويزن تي ڪم ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو