صوبائي اسمبلي جي پارڪنگ ۾ بم ڌماڪو 10 ڄڻا زخمي

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي صوبائي اسمبلي ۽ هاءِ ڪورٽ ٻاهران رڪشي ۾ ڌماڪي سبب 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال پهچايو ويو آهي ۽ پوليس جو چوڻ آهي ته زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. ابتدائي اطلاعن مطابق رڪشي ۾ رکيل سلينڊر ڦاٽڻ سبب ڌماڪو ٿيو آهي پر بم ڊسپوزل اسڪواڊ وارن آس پاس مان گڏ ڪيل شاهدين بعد ڌماڪيدار مواد هجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي. ياد رهي ته اڄ آرمي پبل اسڪول سانحي جي پنجين ورسي آهي. دهشتگردن جي ان حملي ۾ 150 کان وڌيڪ ٻار، استاد ۽ ٻيا شهيد ٿي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو