صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف مواخذي جون 2 قراردادون منظور

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ايوان ۾ باضابطه طور تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مواخذي جي ڪارروائي جو آغاز ٿي چڪو آهي ۽ ان خلاف 2 قراردادون منظور ڪيو ويون آهن جنهن کان پوءِ هو آمريڪا جي تاريخ جو ٽيون چيف ايگزيڪٽو بڻجي ويندو جيڪو مواخذي جو مقابلو ڪندو. آمريڪي خابرو اداري رپورٽ ڪئي آهي ته ميمبرن جو گهڻو تعداد ڊونلڊ ٽرمپ جي مواخذي جو تاريخي قدم کڻي ان تي اعليٰ جرائم ۽ نامناسب روين جو الزام لڳايو آهي. مواخذي جي ڪارروائي دوران ايوان نمائندگان آمريڪي صدر کي هٽائڻ لاءِ 2 آرٽيڪل قراردادن ۾ اختيارن جو غلط استعمال ۽ ڪانگريس جي رستي ۾ رڪاوٽون وجهڻ جي معاملي تي ووٽ ڪندي جنهن کان پوءِ اهو معاملو ٽرائل لاءِ سينيٽ ۾ موڪليو ويندو جتي ايندڙ مهيني ٽرائل شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. مواخذي جي ووٽن ذريعي 3 مهينن جي جمهوري تحقيقات کي اڳتي وڌائڻ ۽ ان جي الزامن جي نشاندهي ٿي ته صدر ٽرمپ يوڪرين تي پنهنجي سياسي حريفن جي تحقيقات لاءِ دٻاءُ وڌو جڏهن ته آمريڪي سيڪيورٽي امداد ۽ وائيٽ هائوس اجلاس کي روڪيو هو. ان ٻن قراردادن تي ووٽن جي ڳالهه ڪيون ته اختيارن جي غلط استعمال جي قرارداد جي حق ۾ 230 جڏهن ته مخالف ۾ 197 ووٽ آيا، ان کان علاوهه ڪانگريس کي روڪڻ جي الزام واري قرارداد جي حق ۾ 229 ۽ مخالف ۾ 198 ووٽ آيا ۽ صرف 2 ڊيموڪريٽس ان قراردادن خلاف ووٽ ڏنو. ايوان نمائندن ۾ مواخذي جي ڪارروائي جي شروعات کان پوءِ ڊونلڊ ٽرمپ ان آمريڪي صدرن ۾ شامل ٿي ويندو جنهن تي ڏوهن ۽ نامناسب روين سبب ايوان طرفان موخذي کي منهن ڏنو. 1868 ۾ آمريڪي صدر انڊريو جوهنسن ۽ 1998 ۾ صدر بل ڪلنٽن 2 اهڙا آمريڪي صدر هيا جنهن کي مواخذي جو مقابلو ڪرڻو پيو جڏهن ته 1974 ۾ آمريڪي صدر رچرڊ نڪسن مواخذي جي ڪارروائي ايوان جي فلور تائين پهچڻ کان اڳ ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڌي هئي. تازو اڳوڻي آمريڪي صدر کي سينيٽ طرفان آزاد ڪيو ويو هو جڏهن ته ان ڳالهه جو به امڪان آهي ته ريپلڪن جي اڪثريت ۾ موجود سينيٽ ٽرمپ کي ان جي عهدي تان هٽائيندي جتي سزا لاءِ 2 ڏهائي جي اڪثريت جو ووٽ هجڻ ضروري آهي. جيتوڻيڪ ايوان نمائندگان ۾ ٽرمپ جي مواخذي لاءِ ڊيموڪريٽس وٽ اڪثريت هئي اهو ئي ايوان سينيٽ ۾ آمريڪي صدر جي جماعت ريپبلڪن جي اڪثريت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو