صحافي جو قتل ذاتي دشمني قرار،پوليس تي مک ملزم بچائڻ جوالزام

نوشهروفيروز(رپورٽ مشتاق حسين مري) ايس ايس پي نوشهروفيروز طارق ولايت، پڊعيدن ۾ قتل ٿي ويل صحافي علي شير راڄپر جي قتل جو سبب ذاتي دشمني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ايس پي آفيس ۾ صحافين کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته قتل جو مک جوابدار هڪ ئي آهي جنهن صحافي کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي. قاتل گرفتار آهي ۽ هن اعتراف به ڪيو آهي پر مقتول صحافي جي وارثن پاران داخل ڪرايل ڪيس ۾ 6 جوابدار نامزد ڪيا ويا آهن.  هن چيو ته جاچ ڪرائبي ۽ ٻيا جوابدار ملوث هوندا ته کين به گرفتار ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته ڪيس جي جاچ ايس ايڇ او مورو راجا نويد قريشي جي حوالي ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي چيو ته صحافي علي شير جو قتل سندس ماسات حبيب الله هڪ سال اڳ گهريلو معاملي تان هلندڙ تڪرار سبب ڪيو، جنهن جو هن اعتراف به ڪري ورتو آهي. هن چيو ته پوليس مقتول جي مائٽن جي فرياد تي ڪيس داخل ته ڪيو آهي پر ڪنهن به بيگناهه کي ڪيس ۾ نه ڦاسايو ويندو. ٻين جوابدارن جي ملوث هئڻ بابت جاچ لاء  ڊي ايس پي سٽي محمد ايوب درس جي اڳواڻي ۾ ٽيم جوڙي وئي آهي جنهن ۾ سي آء اي انچارج شهاب اڪبر ڪولاچي  ۽ ايس ايڇ او پڊعيدن جمشيد کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي شھيد ٿيل صحافي علي شير راڄپر جي قتل ۾ ملوث جوابدار حبيب راڄپر جو دھشتگردي ٽوڙ عدالت مان پوليس پنجن ڏينهن جو جسماني رمانڊ ورتو آهي. جڏنهن ته مقتول جي وارثن اقبال احمد راڄپر۽ دائود راڄپر ايس ايس پي نوشھروفيروز جي پريس بريفنگ بابت سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته ايس ايس پي قتل ۾ ملوث مک جوابدار ٽائون چيئرمين شڪيل راڄپر۽ ٻين کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي. هنن مطالبو ڪيو ته ايف آء آر ۾ نامزد سڀني جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته اسان احتجاج ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو