صحافي جي قاتلن جي گرفتاري ۾ دير خلاف احتجاج

نوشھروفيروز(ڊ ر) پڊعيڊن جي شهيد ڪيل صحافي علي شير راڄپر جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ڪرڻ خلاف صدا واھ موري تي پريس ڪلب دريا خان مري جي صحافين رانا رياض الحسن، عبدالحفيظ پلھ، رائو واجد علي، وريل سنڌي ۽ جسقم ضلعي صدر امام بخش عمراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پڊعيڊن جي صحافي علي شير راڄپر کي اخبارن ۾ خبرون ھلائڻ تان پڊعيڊن ۾ شھيد ڪيو ويو آھي، قتل جي ايف آء آر داخل ڪرائڻ باوجود پڊعيڊن پوليس قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آھي. صحافين وڌيڪ چيو ته صحافي علي شير راڄپر جا قاتل گرفتار ڪري وارثن کي انصاف ڏنو وڃي ۽ صحافي جي 4 نياڻين کي سرڪاري طور تي تعليم ڏياري وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو