صارفين جي سهولت لاءِ گوگل پاران اهم فيچر متعارف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)گوگل اينڊرائيڊ استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ لُڪ اَپ Lookup نالي هڪ اهم فيچر متعارف ڪرائي رهيو آهي. هن فيچر سان صارفين کي اڻڄاتل نمبرن جي معلومات ملي سگهندي. هي فيچر بلڪل ٽرو ڪالر ايپ سان ملندڙ جلندڙ آهي ۽ في الحال گوگل فون جي بيٽا ورزن ۾ موجود آهي. هن فيچر جو مقصد گوگل سرچ ذريعي ڪالر جي سڃاڻپ کي يقيني بڻائڻ آهي. هي فيچر صارفين کي اسپام ڪالن کان بچڻ ۾ مدد ڏيندو. گوگل طرفان هن فيچر جو باضابطه اعلان نه ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته گوگل فون ايپ کي اينڊرائيڊ فونز ۾ به ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿو، جنهن ۾ لڪ اپ فيچر ريسينٽ ڪالز سيڪشن ۾ هڪ بٽڻ طور ظاهر ٿيندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گوگل فون ايپ ۾ بلاڪ ۽ هسٽري جهڙا آپشن به شامل ڪيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو