شگر جو مرض ختم ڪرڻ لاءِ انقلابي ٽيڪنالاجي ايجاد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سائنسدانن ٿري ڊي پرنٽنگ جي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي انساني اسٽيم سيل مان پينڪرياز ٺاهڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي.جنهن سان دنيا مان شگر جهڙي موذي مرض جو خاتمو اچي ويندو. يورپي يونين جي فنڊنگ سان ڪيل تجربن ۾ تيار ڪيل اليڪٽرانڪ پينڪرياز هو بهو انساني پنڪرياز جيئان لڳن ٿا. انساني اسٽيم سيل جو نمونو بايولاجيڪل جِيل سان ملائي ان تي ليزر ذريعي شعاع وجهبو ته 30 سيڪنڊن اندر اهو ملائم مواد گهرج مطابق سخت ٿي ويندو ۽ بايو پرنٽر تي رت جي نالي سان گڏ ٽشو پرنٽ ٿي ويندو. هي انقلابي ٽيڪنالاجي ‘اِي پِي ايف ايل’ جي اپلائيڊ فوٽونڪس ڊوائيسز ليبارٽري ۾ ايجاد ڪئي وئي آهي. جنهن کي وڌيڪ بهتر Readily3D  ڪيو آهي.

جڏهن انساني جسم ۾ پينڪرياز نه ٺهندا آهن ته رت ۾ گلوڪوز ڪنٽرول ٿيڻ ختم ٿي ويندو آهي ۽ ماڻهو شگر جي مرض م مبتلا ٿيندو آهي. دنيا ۾ 45 ڪروڙ  بالغ ماڻهو شگر جي مرض ۾ مبتلا آهن جن مان 6 ڪروڙ صرف يورپ ۾ آهن. 2017 جي ڊيٽا موجب سوئيزرلينڊ جي 4.4 سيڪڙو آبادي هن مرض ۾ مبتلا هئي. شگر سبب اکين جي نظر متاثر ٿئي ٿي، دل جو دورو ۽ اڌ رنگ جو حملو به ٿئي ٿو ۽ گردا خراب ٿين ٿا. ليبارٽري جي سربراهه ڪرسٽوف موزر جو چوڻ آهي ته هي انقلابي ٽيڪنالاجي آهي جيڪا صحت جي شعبي ۾ وڏي تبديلي آڻيندي. هن چيو ته هڪ ڏينهن ڪينسر جي خاتمي وارا ٽشو به ٺهندا. 2020 ۾ يورپي يونين 3.6 ملين يورو فراهم ڪيا هئا ته ٽن سالن ۾ انساني جسم ۾ پينڪرياز کي فنڪشنل ڪرڻ لاءِ هي ٽيڪنالاجي تيار ڪريو.  هن خبر بابت وڌيڪ تفصيل پڙهڻ لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو