اغوا ۽ زنا جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 25 سال قيد

اغوا ۽ زنا جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 25 سال قيد

شڪارپور (ن س ) اغوا ۽ زنا جي جوابدار کي 25 سال قيد جي سزا. شڪارپور جي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج سميع الله قريشي جي عدالت عورت کي اغوا ڪري زنا ڪرڻ جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي جوابدار بهرام جعفري کي 25 سال قيد 14 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي, ياد رهي ته 3 سال اڳ جوابدار پنهنجي ئي برادري جي هڪ عورت مسمات عظيمان ڌيء محمد صديق جعفري کي اغوا ڪري چار مهينا پاڻ وٽ قيد ڪري رکيو هو, جنهن جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد عورت جوابدار مٿان 164 ڪندي زنا ڪرڻ جو پڻ بيان ڏنو هو, جيڪو ڪيس ڪورٽ ۾ ھلندڙ ھو,

پهنجو تبصرو موڪليو