screen shot

شين واٽسن پاڪستان ۾ پي ايس ايل کيڏڻ لاءِ بيتاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي بهترين آل رائونڊر شين واٽسن پاڪستان ۾ پي ايس ايل جون ميچون کيڏڻ لاءِ بيتاب آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي وڏي ويب سائيٽ جي پروگرام ۾ ڪرڪيٽ ڪارنر سليم خالق سان ڳالهائيندي شين واٽسن چيو ته پي ايس ايل جي پنجين ايڊيشن جون سڀئي ميچون پاڪستان ۾ کيڏڻ لاءِ تيار آهيان. گذريل ايونٽ جي فائنل ۾ ڪراچي ۾ تمام بهترين ماحول ڏٺو ۽ مان پاڻ ان دوري مان تمام گهڻو لطف اندوز ٿيس ۽ زندگيءَ جو يادگار وقت گذاريو. سيڪيورٽي انتظام به بهتر هيا ان ڪري ٻيهر پاڪستان ۾ کيڏڻ لاءِ بيتاب آهيان. هن چيو ته مان ڄاڻان ٿو ته منهنجي چاهيندڙن جي وڏي تعداد اُتي موجود آهي انهن جي سامهون ايڪشن ۾ نظر اچڻ لاءِ بيتاب آهيان. هڪ سوال جي جواب ۾ آسٽريلوي آل رائونڊر چيو ته پي ايس ايل هڪ ڏکيو ٽورنامينٽ آهي ڪرڪيٽ خاص طور بالنگ جو معيار بهتر آهي گذريل ايونٽ ۾ ڪوئٽه گليڊيئرز کي باصلاحيت نوجوان ڪرڪيٽر ۽ پاور هٽر جي خدمتون حاصل هيون. اميد آهي ته هن ڀيري به ٽائٽل جي دفاع ۾ ڪامياب ٿينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو