شيخ اياز وارو گهر خريد ڪري ميوزيم جوڙايو وڃي؛ ساڃاهه وند

سکر(جيرام داس ) سنڌي ٻولي جي وڏي ۽ جديد رومانس توڙي مزاحمت واري شاعر شيخ اياز جي اڄ 22هين ورسي ملهائي ويندي. پراڻي سکر جي جنات بلڊنگ ڀرسان سندس جوڙايل 3 منزلا گھر 26 سالن کان بند هجڻ سبب خستا حال بڻجي ويو، جتي هن پنهنجي زندگي جي جوڀن وارا 30 سال گذاريا، اهو گھر هنڌان هنڌان اکڙڻ ۽ ويهجڻ شروع ٿي ويو آهي. 1992،1993 واري سالن ۾ پراڻي سکر ۾ ٿيل لساني جھيڙن دوران شيخ اياز ۽ سندس خاندان وارن ايڏو وڏو گھر 7 لکن ۾ فيض واڙي واري کي وڪرو ڪري ڪراچي پرنس ڪامپليڪس ڪلفٽن لڏي هليو ويو، ان کانپوءِ ساڳيو گھر انيس عرف بابو سوناري 9 لکن ۾ فيض واڙي واري کان خريد ڪيو، ٽيون دفعو اهو گھر اقبال هوزري واري بابو سوناري کان 48 لکن ۾ ورتو پر ان به گھر کي کولي آباد نه ڪيو، جيتوڻيڪ 5 سال پهريان اقبال هوزري واري خريد ڪيل هي گھر 5 سالن کان بند پيل آهي. در، دريون، ڇتيون، ڪاٺ جا ٺهيل ڪٻٽ، باٿروم، گندگي ۽ اڏهي لڳڻ سبب ٽٽڻ ڀرڻ لڳا، شيخ اياز جي گھر جي ڇت تان اڄ به بيگاري بند الف ڪچي، لينس ڊائون پل، ايوب پل، روهڙي شهر ۽ سکر جا منظر ڏسي سگھجن ٿا. جنهن جو ذڪر شيخ اياز پڻ پنهنجي ڪتاب ڪاڪ ڪڪوڙيا ڪاپڙي ۾ به ڪيو آهي. چون ٿا ته شيخ اياز جيتري باک ڦٽي واري شاعري ڪئي آهي اها هن گھر ۾ ويهي ڪئي آهي. گھر جو ٻاهريان ۽ اندريان حصا، گيلريون پڻ زمين هيٺ ويهجڻ شروع ٿي ويون آهن. ان ڏس ۾ سنڌ جي اديبن، شاعرن، وڪيلن، فنڪارن ۽ سڄاڻ ڌرين ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه کان گھر ڪئي آهي ته پراڻي سکر جو شيخ اياز وارو گھر خريد ڪري اتي شيخ اياز يادگار ماڊرن ميوزيم جوڙايو وڃي ڇو ته شيخ اياز زندگي جا 30 سال سکر کي ڏنا پر سندس ڪوبه يادگار سکر ۾ ڪونه آهي ان جي ڪري سندس ياد ۾ ميوزيم ٺهڻ گھرجي. ٻئي طرف سنڌ جي ناليواري شاعر، اديب اياز گل سنڌ يار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ثقافت کاتو شيخ اياز جي گھر کي خريد ڪري ميوزيم جوڙائي ته اهو سٺو عمل ٿيندو. ماضي ۾ اسان پڻ تنوير عباسي جو خيرپورو وارو گھر سنڌ حڪومت کان گھر ڪئي هئي ته خريد ڪري اتي ڊاڪٽر تنوير عباسي جي نالي سان ميوزيم قائم ڪري سندس يادگار شيون رکيون وڃن ها ته بهتر ٿي ها. ساڳي ريت شيخ اياز جي زندگي جو وڏو حصو سکر ۾ گذريو آهي. ان جي نالي سان سندس گھر ميوزيم ۾ تبديل ٿيڻ گھرجي. سنڌ جي مقبول شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر ادل سومرو  به سنڌ يار ٻڌايو   ته شيخ اياز 1955، 1956 کان وٺي لڳ ڀڳ 30 سالن زندگي جا سکر ۾ گذاريا، هتي اچي هن ادبي سنگت جو قيام وڌو، ڪراچي ۾ وڪالت جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ سکر ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، لساني فسادن وارن ڏهاڙن ۾ هو ڪراچي ڏانهن لڏي ويو، هن چيو ته شيخ اياز واري گھر کي خريد ڪري ثقافت کاتي وارا اتي شيخ اياز جي نالي سان وقف ڪري شيخ اياز ماڊرن ميوزيم جوڙايو وڃي ۽ مان ان ڏس ۾ سيد سردار شاهه سان پڻ ملندس ته شيخ اياز جي پراڻي سکر واري گھر کي خريد ڪري اتي ميوزيم ٺهرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو