يوسفزئي، اسفند يار کي 15 ڪروڙ هرجاڻو ادا ڪري، حڪم

پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت 15 ڪروڙ رپيا هرجاڻي جي ڪيس ۾ اي اين پي سربراهه اسفند يار ولي جي حق ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.عدالت شوڪت يوسفزئي کي 15 ڪروڙ رپيا هرجاڻي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ايڊيشنل سيشن جج اعجاز الرحمان فيصلو جاري ڪيو.عدالت فيصلي ۾ چيو ته شوڪت يوسفزئي طلبي باوجود عدالت ۾ پيش نه ٿيو، سندس عدم پيشي تي هڪ طرفي ڪارروائي ڪئي وئي.شوڪت يوسفزئي اسفند يار ولي تي پختونن سان اڍائي ڪروڙ ڊالرن جو واپار ڪرڻ جو الزام هنيو.ان الزام تي اسفند يار ولي 2019ع ۾ شوڪت يوسفزئي خلاف هرجاڻي جو ڪيس داخل ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو