شهر گندگي جو ڍير، ميونسپل خلاف شهرين جو احتجاج

جوهي (ن سنڌيار)شهر ين پاران ميونسپل انتظاميا ۽ سي ايم او جوهي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. علي محمد عباسي, روشن لغاري, عنايت گوپانگ, مولا بخش لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي هنن سي ايم خلاف سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو آهي ته  جوهي ميونسپل ڪاميٽي ۾ ڪروڙين رپيا بجيٽ هجڻ باوجود شهر ۾ ترقياتي ڪمن جو نالو ئي نه آهي شهر روڊ رستن ۽ گهٽين ۾ صفائي جي حالت خراب آھي, جوهي شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آهي  برسات دوران نيو ڪالوني, حسين آباد ڪالوني سميت شهر جي مختلف  ڪالوني جي وارڊ ۾  گٽرن جو پاڻي گهر ۾ داخل ٿيندو آھي, ميونسپل انتظاميا ڪروڙين رپين جا ڪاغذي ڪاروائين ۾ ڪوڙا بل ٺاهي ڪرپشن جو بازار گرم ڪري ڇڏيو آهي. هنن وڌيڪ چيو آهي ته جڏهن کان سي ايم او شفيق ڀٽو چارج سنڀاليو آهي ته ڪرپشن جو بازار گرم ڪري ڇڏيو, مال پڙي جا ٺيڪا من پسند ماڻهن کي ڏئي مليل رڪوري جي پئسن کي ميونسپل کاتي ۾ جمع ڪرڻ بجاء ملي ڀڳت سان هڙپ ڪيو وڃي ٿو, هنن چيف جسٽس آف پاڪستان, چيئرمين نيب, ڊي جي ايف آء اي سميت اعلي اختيارين ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته ميونسپل انتظاميا جوهي خلاف ٽيم جوڙي ترقياتي  ڪمن جي انڪوائري ڪري سندن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو