راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهريار آفريدي کي دهشتگردي جي انت واري عدالت مان آزادي ملندي ئي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو.پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي کي راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهريار آفريدي کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ايس ايس پي آپريشنز کي شوڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪيو.شهريار آفريدي جي وڪيل اشتياق چوڌري چيو ته شهريار آفريدي جڏهن وڪيلن سان اي ٽي سي مان ٻاهر نڪتو ته پوليس ٻيهر حملو ڪيو، شهريار آفريدي ۽ سندس وڪيلن اي ٽي سي ۾ پناهه ورتي آهي.شهريار آفريدي کي دهشتگردي جي انت واري عدالت مان آزاد ڪندي ئي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، شهريار آفريدي کي ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي جي 16 ايم پي او آرڊر تحت ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، گرفتاري کانپوءِ شهريار آفريدي کي اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو.
