شهباز شريف جو ڪينسر ٽيسٽ ڪليئر، مرض واپس نه آيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي ڪينسر جو ٽيسٽ ڪليئر ٿي ويو آهي.لنڊن ۾ شهباز شريف جي طبي معائني کانپوءِ ڪينسر جي ماهرن تصديق ڪئي آهي ته شهباز شريف جو ڪينسر واپس نه آيو آهي.اڳوڻو وزيراعظم شهباز شريف 2 هفتا اڳ لنڊن پهچڻ کان اڳ ڪينسر جو معائنو ڪرايو هو، شهباز شريف کي هر سال ڪينسر جون ٽيسٽون ڪرايون وينديون آهن، ٽيسٽ جون رپورٽون مشهور ڪينسر اسپيشلسٽ ڊاڪٽر مارٽن ڪيپلن به ڏٺيون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو