شهباز جو برطانوي اخبار کي بدناموسي جو نوٽيس جاري

لنڊن (ڊيسڪ رپورٽ) اپوزيشن ليڊر شهباز شريف زلزلي متاثرن جي امداد خرد برد ڪرڻ جا الزام لڳائڻ تي برطانوي اخبار ڊيلي ميل آن سنڊي ۽ آن لائن نيوز سائيٽ ميل آن لائن ۽ ان جي صحافي ڊيوڊ روز کي بدناموسي جو نوٽيس جاري ڪيو آهي.  شهباز شريف برطانوي اخبار خلاف قانوني ڪارروائي لاءِ برطانيا جي مشهور وڪيلن جي فرم ڪارٽر رڪ ساليسيٽرز جون خدمتون به حاصل ڪري ورتيون آهن. اها فرم برطانيا ۾ اخبار خلاف سندس ڪيس وڙهندي. لا فرم جو چوڻ آهي ته اخبار جي 14 جولاءِ تي شايع ڪيل رپورٽ ۾ شهباز شريف جي حوالي سان ڪيل دعوائون تڪراري آهن. رپورٽ ۾ الزام لڳايو ويو هو 2005 ۾ زلزلي متاثرن لاءِ برانوي امدادي اداري پاران ڏنل رقم ۾ شهباز شريف گهپلو ڪيو هو. برطونوي امدادي اداري پڻ ان جي ترديد ڪئي هئي. شهباز شريف موقف اختيار ڪيو هو ته مٿس لڳايل الزامن ۾ سچائي ثابت ٿئي ته کيس گرفتار ڪري ڪيس هلايو وڃي، حڪومت جي چرچ تي سندس خلاف سياسي بنيادن تي خبر شايع ڪرائي وئي هئي. هو 2005ع ۾ زلزلي وقت برطانيا ۾ جلاوطني واري زندگي گذاري رهيو هو، منهنجي ساک کي ڇيهو رسايو ويو آهي، برطانوي عدالتن ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪندس.

پهنجو تبصرو موڪليو