لنڊن (ڊيسڪ رپورٽ) اپوزيشن ليڊر شهباز شريف زلزلي متاثرن جي امداد خرد برد ڪرڻ جا الزام لڳائڻ تي برطانوي اخبار ڊيلي ميل آن سنڊي ۽ آن لائن نيوز سائيٽ ميل آن لائن ۽ ان جي صحافي ڊيوڊ روز کي بدناموسي جو نوٽيس جاري ڪيو آهي. شهباز شريف برطانوي اخبار خلاف قانوني ڪارروائي لاءِ برطانيا جي مشهور وڪيلن جي فرم ڪارٽر رڪ ساليسيٽرز جون خدمتون به حاصل ڪري ورتيون آهن. اها فرم برطانيا ۾ اخبار خلاف سندس ڪيس وڙهندي. لا فرم جو چوڻ آهي ته اخبار جي 14 جولاءِ تي شايع ڪيل رپورٽ ۾ شهباز شريف جي حوالي سان ڪيل دعوائون تڪراري آهن. رپورٽ ۾ الزام لڳايو ويو هو 2005 ۾ زلزلي متاثرن لاءِ برانوي امدادي اداري پاران ڏنل رقم ۾ شهباز شريف گهپلو ڪيو هو. برطونوي امدادي اداري پڻ ان جي ترديد ڪئي هئي. شهباز شريف موقف اختيار ڪيو هو ته مٿس لڳايل الزامن ۾ سچائي ثابت ٿئي ته کيس گرفتار ڪري ڪيس هلايو وڃي، حڪومت جي چرچ تي سندس خلاف سياسي بنيادن تي خبر شايع ڪرائي وئي هئي. هو 2005ع ۾ زلزلي وقت برطانيا ۾ جلاوطني واري زندگي گذاري رهيو هو، منهنجي ساک کي ڇيهو رسايو ويو آهي، برطانوي عدالتن ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪندس.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو