ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ يوم پاڪستان جي موقعي تي پيغام ڏيندي چيو آهي ته 23 مارچ پاڪستان جي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي. ننڍي کنڊ جي مسلمانن غلامي ۽ ڏاڍ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ جدا وطن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ صرف ستن سالن جي مختصر عرصي ۾ آزاد وطن جو مطالبو منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب رهيا. صوبائي وزير چيو ته اڄ اسين باباءِ قوم ۽ آزادي جي تحريڪ جي سمورن اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ، جن برطانيا جي قبضي هيٺ ھندستان جي مسلمانن کي متحد ڪيو ۽ هڪ آزاد ۽ خودمختار مسلم رياست جي قيام لاءِ جدوجهد ڪئي. سنڌ جي اطلاعات واري وزير چيو ته هي ڏينهن ملهائڻ وقت اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جي اصولن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ کي مضبوط ۽ متحد رکڻ لاءِ آئين، ايٽمي پروگرام ۽ صوبن کي خودمختياري ڏني، اسان جو ويزن پاڪستان کي هڪ حقيقي جمهوري فلاحي رياست ۾ تبديل ڪرڻ آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان جي عظيم قوم اتحاد ۽ لچڪ ذريعي ماضي جي تمام وڏن چيلنجز کي ڪاميابيءَ سان منهن ڏنو آهي. هن چيو ته اچو ته اڄ پاڪستان کي هڪ ترقي پسند ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جي تجديد ڪريون، ھن چيو تہ رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني ۾ الله تعاليٰ اسان کي هر آزمائش ۾ ثابت قدم رهڻ جي توفيق عطا فرمائي.
