شاگردياڻين سان بدتميزي ڪندڙ پرنسپال جي ضمانت منظور

ڀان سيدآباد (ن س) ايڊيشنل سيوهڻ جي ڪورٽ ڳوٺ ٽلٽي جو رهواسي سيوهڻ جي پرائيويٽ گرامر چيمپئن اسڪول جي مالڪ جي شاگردياڻين سان بداخلاقي واري الزام ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسڪول  جي مالڪ پرنسپال غلام مصطفيٰ مغل کي ٻن شاگردياڻين جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. جوابدار جي وڪيل محمد شريف سولنگي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پرنسپال مغل جي ڪيس جي انڪوائري هلي رهي آھي سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ انڪوائري آفيسرن جي  مطابق لڳي ائين پيو ته هن ڪيس ۾ مون کي ڪا به سچائي ۽ صداقت نظر نه ٿي اچي ۽ جوابدار بيڏوهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو