شاهه رخ خان جي فلم ”پٺاڻ“ کي رليز ٿيندي ئي ڌڪ

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جي فلم ”پٺاڻ“ کي رليز ٿيندي ئي ڌڪ لڳي ويو.ڀارتي ميڊيا موجب شاهه رخ خان جي فلم ”پٺاڻ“ جي رليز ٿيڻ کان ڪجهه لمحن بعد ئي فلم کي ڪيترن ئي ويب سائيٽن تي مفت ڊائون لوڊ ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي. رپورٽن مطابق فلم انٽرنيٽ تي تمام سٺي اسڪرين ڪوالٽي ۾ موجود آهي جنهن سان ان جي ڪاروبار تي ناڪاري اثر پوڻ جو امڪان آهي.ڀارتي ميڊيا موجب ان خبر کانپوءِ به مداح تمام تيزيءَ سان ”پٺاڻ“ کي ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽون خريد ڪرڻ ۾ مصروف آهن.رپورٽن مطابق فلم هن هفتي جي آخر ۾ 100 ڪروڙ ڪلب ۾ داخل ٿيڻ جو به امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو