شاديءَ جي آسري تي اغوا ٿيل نوجوان ڪچي مان بازياب

خانپور (زبيرگل) سانگھڙ جي رھواسي نوجوان مختيار شر کي ناپر ڪوٽ پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ ڳڙھي تيغي جي ڪچي مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪندي ايس ايچ او علي بروھي صحافين کي ٻڌايو ته  پوليس ڳڙھي تيغي جي ڪچي ۾ چڙھائي ڪئي تہه ڪجھ نامعلوم ھٿياربند پوليس کي ڏسي مغوي کي ڇڏي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. نوجوان جي وارثن کي اطلاع ڪيو آھي جن جي اچڻ شرط نوجوان وارثن حوالي ڪيو ويندو. ٻئي طرف  بازياب ٿيل نوجوان صحافين سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته مان سانگھڙ جو رھواسي آھيان عورتاڻي آواز تي ڳالھائيندو ھئس جنھن مون کي ھن علائقي ۾ گهرائي فيضو واري علائقي مان ڪجھ ماڻھو اغوا ڪري ويا  جن اڳتي وڃي ٻين ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو جيڪي مون کي ڪچي ۾ رھائيندا ھئا. ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته ڌاڙيل ماني ٽڪي ڏيندا ھئا رات دير سان ڌاڙيلن مون کي وارثن ڏانھن فون ڪرايو ته 25 لک روپيه ڀنگ ڏيو، پر صبح سان سوير پوليس پھتي پوليس کي ڏسي ڌاڙيل فائرنگ ڪندا مون کي ڇڏي فرار ٿي ويا پوليس مون کي ھٿ ڪري ورتو. ھن ٻڌايو ته مان ڪو به ڀنگ وغيرہ نه ڀريو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو