سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو، عورت سميت 7 ڄڻا زخمي

ڪوٽ لالو (باغ علي) فيض گنج ويجهو ڳوٺ رحمت الله چانگ ۾  سڱاوتي تڪرار تان چانگ برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن  جي نتيجي ۾ غلام الله چانگ، مسمات صغريٰ، دودو چانگ، فدا حسين چانگ، ذوالفقار چانگ، نديم چانگ ۽ مير حسن چانگ زخمي ٿي پيا، جن کي فيض گنج  رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو. پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري ورتي جڏهن ته پوليس  موجب  ڌُرين ۾ پُراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان ٻيهر جهيڙو ٿيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو