سکر ۽ سڳيون پريس ڪلب جون سالياني چونڊون

سکر  (بيورو رپورٽ)پريس ڪلب ۽ سکر يونين آف جرنلسٽس جي سال 2020ع جي چونڊ سکر پريس ڪلب ۾ ٿي گذري, چونڊ ۾ پروگريسو جرنلسٽس پينل جا سمورا عهديدار گذريل سال جيان هن سال به بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا. ڪاميابي ماڻيندڙ عهديدارن ۾ صدر نصرل الله وسير، نائب صدر احقر رضوي, نائب صدر ليڊيز سحرش کوکر, جنرل سيڪريٽري ياسر فاروقي, جوائينٽ سيڪريٽري, لالا شھباز خان, جوائينٽ سيڪريٽري, ڪامران شيخ, فنانس سيڪريٽري شهزاد تاباني, پريس سيڪريٽري ڪاشف ماڪو ۽ آفيس سيڪريٽري بابر کوکر ڪامياب قرار ڏنا ويا. جڏهن ته ميمبر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي تي لالا اسد پٺاڻ , آصف ظهير لوڌي, چوڌري ارشاد, خالد ٻانڀڻ, زمان باجوا, جميل مغل, امداد بوزدار, رياض راجپوت, علي محمد شر, نادر خان, ڪرن مرزا ۽ اعجاز ڇڄڻ ڪاميابي ماڻي ورتي. پريس ڪلب جي سالاني چونڊ ۾ اليڪشن ڪميٽي چيئرمين محمد ايوب ڪمبوه ميمبر ڪميٽي ڪاشف ڦلپوٽو ۽ شوڪت راهي تي مشتمل ٽي رڪني ڪميٽي سمورن ڪامياب اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو, هوڏانهن ڪاميابي ماڻڻ تي پروگريسو جرنلسٽس پينل جي سربراهه لالا اسد پٺاڻ کي اميدوارن جي ڪاميابي تي مبارڪباد پڻ ڏني وئي.

***صوڀوديرو مان مظهر نعمت علي مڱڻيجو موجب سڳيون پريس ڪلب جي سالياني چونڊ ٿي گذري جنهن ۾ 2020 لاءِ سرپرست اعلي سرائي لعل بخش سيال، صدر ميان اسد ﷲ چنا، نائب صدر گلاب علي سيال، جنرل سيڪريٽري زوار امير علي لڪ، سينيئر نائب صدر فدا عباسي، ورڪنگ ڪاميٽي چيئرمين الفت علي ڀاڳت، جوائنٽ سيڪريٽري صدورو خان چنا، فنانس سيڪريٽري مقصود احمد چنا، انفارميشن سيڪريٽري لالا اشفاق احمد ڀاڳت، پريس سيڪريٽري محمد مٺل قريشي، آفيس سيڪريٽري مظهر علي مڱڻيجو، ورڪنگ ڪاميٽي ميمبر اختيار علي چنا، اعجاز علي ملاح، مختيار علي ڀاڳت، ۽ جڏهن ته ميمبر تاج محمد چنا، عرفان علي چنا، تسليم احمد ڪوري کي متفق راء سان چونڊيو ويو جڏهن ته نئين سال 2020 لاءِ چونڊيل باڊي جي سڳيون پريس ڪلب ۾ حلف برداري تقريب ٿي گذري جنهن جي صدارت خيرپور صحافي اتحاد جي صدر سينيئر صحافي حاجي غلام حسين چانگ ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو