سکر: روهڙي ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان عورت قتل

سکر: روهڙي ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان عورت قتل

سکر: (ن س ) روهڙي ڀرسان ڳوٺ قابل جاگيراڻي ۾ مبينا طور ڪارنهن الزام هيٺ 25 ورهين جي نوجوان عورت کي قتل ڪيو ويو، پوليس موجب قتل ٿي ويل عورت جي سڃاڻپ صابره زال مجاهد جاگيراڻي جي طور ٿي آهي. واقعي جي اطلاع تي دير پوليس پهچي مقتولا عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي ضروري قانوني ڪارروائي بعد تعلقه اسپتال روهڙي منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم ۽ ٻين قانوني گهرجن بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.ذريعن موجب مقتولا عورت کي سندس ڏير پاران مبينا طور ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو آهي، جڏهن ته واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو. واقعي سبب علائقي ۾ خوف ۽ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي آهي.ايس ايڇ او دبر غلام قادر بلوچ ٻڌايو ته واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ شروع ڪئي وئي آهي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا پڻ هنيا پيا وڃن. هن چيو ته هن وقت تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، پر جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن خلاف قانون موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ کيس سخت سزا ڏيارڻ لاءِ سمورا قانوني قدم کنيا ويندا

پهنجو تبصرو موڪليو