سڄي ملڪ ۾ عاشورن جا جلوس، موبائل سروس معطل

ڪراچي(نمائندن وٽان) دنيا ڀر ۾ عاشورن جو ڏينهن وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي. الله جي آخري نبي حضرت محمد صلعم جن جي ڏوهٽي حضرت امام حسين ۽ سندن ساٿين جي لازوال قربانين جي ياد ۾ کين خراج پيش ڪيو پيو وڃي. سخت سيڪورٽي ۾ ڪراچي ۾ عاشور جي رات جو جلوس نشتر پارڪ مان برآمد ٿيو.

Photo Twitter

جڏهن ته لاهور ۾ نثار حويلي کان جلوس شروع ٿيو. ڪوئٽا ۾ رحمت چوڪ ۽ پشاور ۾ به عاشورن جا جلوس ڪڍيا ويا. ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ موبائل سروس معطل آهي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ جلوس ڪڍيا پيا وڃن ۽ عام ماڻهو قبرستانن ۾ پنهنجي پيارن جي قبرن تي حاضري ڀري صفائي ڪري اگر بتيون ٻاري، پکين لاءِ داڻا ڇٽي رهيا آهن ۽ مٺائي ورهائي رهيا آهن. مختلف شهرن توڙي ڳوٺن ۾ تعزيه ۽ ذوالجناح جا جلوس ڪڍيا پيا وڃن. هي جلوس رات تائين پنهنجي منزلن تي پهچندا جتي شام غريبان جون مجلسون پڙهيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو