سڄي سنڌ ۾ روينيو ملازمن آفيسن کي تالا هڻي ڇڏيا، ڪم ٺپ

ڪراچي(نمائندن وٽان) آل سنڌ روينيو ايمپلائيز ايسوسيئيشن جي احتجاج جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عملي آفيسن کي تال هڻي بائيڪاٽ ڪيو آهي. ملازمن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي جلوس ڪڍيا ۽ ڌمڪي ڏني ته جيسين سندن مطالبا تسيلم نه ڪيا ويندا ۽ لکت ۾ کين گارنٽي نه ڏني ويندي تيسين هنن جو احتجاج جاري رهندو. هنن جو مطالبو آهي ته فوتي ڪوٽا مقرر ڪريو، پروموشن آرڊرڏيو، روينيو الائونس وڌايو۽ اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي منسٽريل اسٽاف کي پڪو ڪيو وڃي.

مطالبن جي مڃتا لاءِ سکر ۾ روينيو آفيس کي تالا هنيا ويا آهن، جنهن سبب ڪم ڪار سخت متاثر ٿيو ۽ سائل پريسان آهن. ملازمن جلوس به ڪڍيو. ڪنڌ ڪوٽ مان غالب بلوچ موجب ڪشمورضلع جي ٽنھي تعلقن ڪنڌڪوٽ، ڪشمور۽ تنگواڻي ۾ به روينيو کاتي جي ملازمن پاران تالابندي ڪندي احتاجي جلوس ڪڍيو. ضلعي صدرارشاداحمد کوسو، ظھيراحد سھرياڻي ۽ منظوراحمدنوناري جي اڳواڻي ۾ ڊي سي ڪشمورجي آفيس آڏواحتجاجي مظاھروڪيو ويو.

نوشهرو فيروز مان مشتاق مري موجب روينيو ملازمن ٻين شهرن جيان هتي به آفيسن کي تالا هڻي ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي. دريا خان شر موجب ڪراچي جي مليرضلعي ۾ روينيو عملي مطالبن جي مڃتا لاء شبير احمد کٽي ممتاز سيال جي اڳواڻي ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ۽ آفيسن کي تالا هڻي هڙتال ڪئي آهي. سنڌ جي ٻين شهرن مان به احتجاج جا اطلاع مليا آهن.

پنوعاقل مان سنتوش ڪمار موجب روينيو ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇوڙ هڙتال ، آفيسن کي تالا هڻي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي هڙتال ڪري ڪيمپ لڳائي وئي. روينيو ملازمن سيد زينل شاہ، راضي خان بوزدار، امام بخش ڪلوڙ، واجد علي شاھ، اسرار احمد انڍڙ، اصلاح سميجو، اظهر چاچڙ، صدرالدين بلو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ٻين صوبن ۾ روينيو ملازمن جون پگهارون توڙي ٽائيم اسڪيل وڌايا ويا آهن ۽ اپ گريڊ پڻ ڪيا ويا آهن. اسن کي به انهن برابرمراعات ملڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو