سپر سڪس ٽورنامنٽ جاگيراڻي اسٽار کي سوڀ

قبو سعيد خان (خادم حسين جاگيراڻي ) بادشاھ گرائونڊ تي سپر سڪس ٽورنامينٽ ٿي گذريو جنهن ۾ پهرين ميچ جاگيراڻي اسٽار ڪچي پل ۽ شھنشاھ اليون شھدادڪوٽ ۾ ٿي گزري . جنهن ۾ جاگيراڻي اسٽار ڪچي پل پهرين ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 15 اورن ۾ 160 رنسون ٺاهيون. جنهن ۾ پرويز علي جاگيراڻي 6 ڇڪن 4 چوڪن سان 70 رنسون ٺاهيون. جھانگير عباس جاگيراڻي 30 رنسون عمران علي جاگيراڻي 25 رنسون ٺاهي نمايان رهيا ، ۽ ٻئي طرفان شھنشاھ هيروز ڪڍ بيٽنگ ڪندي 12 اوورن ۾ 130 رنسون ٺاهيون ۽ 30 رنسن تان ميچ هارائي وئي. سندن ٽيم پاران ذاڪر 40 رنسون ٺاهي نمايان رهيو ، جاگيراڻي اسٽار جي طرفان تنوير علي جاگيراڻي 4 اورن ۾ 20 اسڪور ڏئي 4 وڪيٽ ۽ عمران علي جاگيراڻي 4 اورن ۾ 25 اسڪور ڏئي 3وڪيٽ ورتيون ۽ آخر ۾ جاگيراڻي اسٽار سڄي گرائونڊ ۾ جشن ملهايو.

پهنجو تبصرو موڪليو