سپريم ڪورٽ مان ضمانت حاصل ڪندڙ 5 جوابدار ٻيهر گرفتار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)9 مئي جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ مان ضمانت حاصل ڪندڙ 5 جوابدارن کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو.سمورن 5 جوابدارن کي راولپنڊي مان 16 ايم پي او آرڊر تحت گرفتار ڪيو ويو، اهي حڪم ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي جاري ڪيا آهن.راولپنڊي جي نيو ٽائون ٿاڻي تي 9 مئي تي سمورن 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جوابدارن کي سپريم ڪورٽ مان ضمانت ملڻ بعد گذريل رات اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو