سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 6 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئيٽا (م ڊ) سيڪيورٽي فورسز جو ڪوئيٽا جي اوڀر باءِ پاس تي خفيه اطلاع ملڻ تي دهشتگردن مٿان ڇاپو، ڇاپي دوران گهيرو تنگ ڏسندي دهشتگردن پاڻ کي ڌماڪيدار مواد سان اڏائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 6 دهشتگرد مارجي ويا آهن ۽ مارجي ويل سڀني دهشتگردن کي خودڪش جيڪٽ پاتل هيا. سيڪيورٽي فورسز مطابق ڇاپي دوران دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 5 اهلڪار پڻ سخت زخمي ٿي پيا آهن جن کي اسپتال موڪليو ويو آهي ۽ علائقي کي گهيري ۾ آڻڻ لاءِ وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو