سيڪورٽي فورسز سان مقابلي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) هزار گنجي ۾ سي ٽي ڊي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آپريشن ۾ 5 مبينا شدت پسند مارجي ويا آهن، سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا جي علائقي هزار گنجي ۾ مبينا دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي آپريشن ڪيو ته دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني، ترجمان موجب فورسز جي جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 مبينا دهشتگرد مارجي ويا، ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي ٺڪاڻن مان هٿيار، بارودي مواد هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن جا لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. سندن سڃاڻپ جو عمل به جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو