اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته اميد آهي ته سيپٽمبر ۾ ٿيندڙ آءِ ايم ايف جي بورڊ اجلاس ۾ پاڪستان جو ڪيس اچي ويندو.سينيٽ جي ناڻي بابت قائمه ڪميٽي جو اجلاس سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف پروگرام جي باري ۾ ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي وضاحت ڪئي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان معاملا مثبت انداز ۾ اڳيان وڌي رهيا آهن، اميد آهي ته سيپٽمبر ۾ ٿيندڙ آءِ ايم ايف جي بورڊ اجلاس ۾ پاڪستان جو ڪيس اچي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف جون شرطون آهن، آڪٽوبر کان اڳ ڊيپازٽ پروٽيڪشن ترميمي بل منظور ڪرڻ ضروري آهي، ڪميٽي جي تجويز تي انهي بل کي ايندڙ هفتي پارليامينٽ ۾ پيش ڪنداسين.










