سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) سيالڪوٽ ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ پنج ماڻهو فوت ٿي ويا.ريسڪيو اختيارين موجب، حادثو سيالڪوٽ جي پسرور روڊ تي پيش آيو جتي هڪ تيز رفتار ڪار هڪ بيٺل بس سان ٽڪرائجي وئي.ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ ڪار ۾ سوار پنج ماڻهو موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو اختيارين موقعي تي پهچي لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو، جن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.










