سول جج پاران اسڪولن جا دورا، گوسڙو استادن خلاف ڪاروائي

بوزداروڏا (حسين ٽانوري) سيڪنڊ سول جج ٺري ميرواهه جميل مصطفيٰ انصاري جا تعلقي  ٺري ميرواهه جي  مختلف اسڪولن جو دورو ڪري چيڪنگ ڪئي. هن هاشم گوپانگ , عثمان رند, مينگهو فقير, بوزداروڏا  سميت مختلف اسڪولن ۾ اوچتو ڇاپا هنيا.  ان موقعي تي اسڪول انتظاميه کان پڇا ڳاڇا ڪئي جتي استادن ۽ عملي جي غير حاضري تي انتظاميه کي ڇنڊ پٽي. هن اسڪولن ۾ موجود استادن جي ساراهه ڪندي کين صلاح ڏني ته هو ٻارن کي پڙهائي سندن مستقبل سنوارين.

ٻئي طرف سيڪنڊ سول جج صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪولن اندر عملي پاران غير حاضري ۽ ٻين شڪايتن واري سيشن جج جي حڪم تي تعلقي  ٺري ميرواهه جي مختلف اسڪولن جي چيڪنگ ڪئي ۽ رپورٽ سيشن جج کي پيش ڪندس. هن چيو ته گوسڙو استادن خلاف ڪاروائي ٿيندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو