سن ۾ بجلي ڪنيڪشن ڪاٽا، شهرين جو واپڊاعملي کي ڪٽڪو

مانجهند(مهراڻ يوسف عمراڻي) سن ۾ حيسڪو ٽيم  جي ايس ڊي او امجد علي شيخ  ۽ لائن سپرنٽنڊنٽ قربان ٽڳڙ بل ادا نه ڪندڙن صارفين ۽ ڪنڊا هڻندڙن خلاف اڻ اعلانيه آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. جنهن سبب شھرين ۽ عملي ۾ ڏند چڪ پڻ ٿيندا رهيا. پوليس ۽ واپڊا عملي سان گڏ شروع ڪيل آپريشن دوران عملي کي شهرين ڪٽڪو به ڏنو.

جڏهن ته سوين ماڻھن جي اوچتو بجلي ڪاٽا ڪرڻ سبب عوام سخت پريشان ٿي ويو، پاڻي جو بحران پڻ وڌي ويو آهي. واپڊا عملي کي ڪٽڪي بعد پوليس وارا کين ڇڏائي ٿاڻي تي وٺي ويا ۽ 50 شهرين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن جا پوليس تفصيل نٿي ٻڌائي. هڏانهن شھرين جلوس ڪڍي انڊس هاءِ وي تي روڊ بلاڪ ڪيو ۽ ڌرڻو ، هنيو. شهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واڌو بل موڪليا ويا آھن ۽ عيد خرچي لاءِ ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا آهن جيڪي غربت سبب هو ادا نٿا ڪري سگهن. هنن چيو ته گذريل طوفان بعد ڪيترا ڏينهن بجلي غائب هئي پر پوءِ به وڌيڪ بل مليا آهن ۽ عيد تائين مهلت ن ڏني وڃي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته بجلي بحال ڪرائي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو