مشرف کي 5 ڀيرا ڦاهي ڏيو، مري وڃي ته لاش 3 ڏينهن ٽنگيو

اسلام آباد (اياز مهر) سنگين غداري ڪيس ۾ خصوصي عدالت جنرل (ر) پرويز مشرف کي آئين ٽوڙڻ، ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ ۽ ججن کي نظربند ڪرڻ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ڏيڻ بابت تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت کيس 5 ڀيرا ڦاهي ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت مشرف جي وڪيلن کي فيصلي جي ڪاپي ڏني. پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وقار احمد سيٺ، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نذر اڪبر تي مشتمل بينچ پنهنجو فيصلو ٻڌايو. موت جي سزا سان سنڌ جي جج اختلاف ڪيو آهي هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن ججن اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو آهي. رجسٽرار آفيس جو چوڻ آهي ته وزارت داخلا جو هڪ اهلڪار آيو ۽ فيصلي جي ڪاپي وٺي هليو ويو. خصوصي عدالت ۾ رينجرز جا هلڪار مقرر آهن رجسٽرار آفيس جو ڪو به ماڻهو ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي. بينچ جي سربراهه جسٽس وقار احمد سيٺ لکيو آهي ته پرويز مشرف جيڪڏهن فوت ٿي وڃي ته سندس لاش پاڪستان آڻي کيس ڊي چوڪ تي 3 ڏينهن ٽنگيو وڃي. لاش 3 ڏينهن ٽنگڻ واري پيراگراف سان جسٽس شاهد ڪريم به اختلاف ڪيو آهي. جڏهن ته مشرف کي پنج ڀيرا ڦاهي سان هن متفق هئڻ جو اظهار ڪيو آهي.

ان نقطي سان جسٽس شاهد ڪريم به اختلاف ڪيو آهي. عدالت فيصلي ۾ لکيو آهي ته مشرف کي ٻاهر ڀڄائڻ ۾ جيڪي ملوث آهن ان جي جاچ ڪري انهن خلاف به قانون مطابق ڪاروائي ڪئي وڃي. جسٽس وقار سيٺ جو فيصلو 125 صفحن تي ٻڌل آهي جڏهن ته جسٽس نذر اڪبر جو اختلافي نوٽ 44 صفحن تي مشتمل آهي.

Special Court s Detailed Ve… by Anonymous JKFlQsI4 on Scribd

پهنجو تبصرو موڪليو